ٿري 2

ٿري: هي ماڳ بدين کان 17 ميل ڏکڻ ۾ روپا ماڙيءَ کان 5 ميل اتر طرف، ريڻ درياهه جي قديم وهڪري جي ساڄي ڪناري، محبت ديري کان 6 ميل ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. سومرن سنڌ ۾ محمود غزنويءَ جي دور ۾ زور ورتو ۽ ”ابن سومار“ جي قيادت ۾ ٿريءَ کي پنھنجو تخت گاهه بنايو هو. هي اصل ۾ ملاحن جي مياڻ هئي، جنهن آھستي آھستي شھر جو روپ اختيار ڪيو. 700هه (1300ع) ۾ جڏھن علاؤالدين، دودي سومري تي حملو ڪيو ته ٿري لٽجي وئي. ٿريءَ جا آثار اتر کان ڏکڻ اڌ ميل ۾ ڦھليل آھن. هتان مليل وٿن ۾ پراڻا سڪا، ٺڪراٺو ۽ چٽساليءَ واريون سرون شامل آهن. ان کان سواءِ ٺڪر تي سومرن جي دور جي آئيويٽا ”ٽامائي“ خط جا نمونا به مليا آھن. هي تحقيق طلب ماڳ آھي.
بدين ضلعي جي ماتلي ٽنڊي غلام علي روڊ جي ١٤ ڪلوميٽر واري پٿر وٽ هن ماڳ جو گھڻو حصو پوکيءَ راهيءَ ھيٺ اچي ويو آھي. هي ٩٩ ايڪڙن ۾ پکڙيل ماڳ آھي، باقي سموري زمين قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. روايت آھي ته ھتي مير باگي جي محبوبا سنڌ راڻيءَ جي به قبر آھي، ان کان سواءِ شاهه ديواني جو مقبرو به آھي، جنهن بابت چون ٿا ته ١٣ هين صدي عيسويءَ ۾ ھتي آيو هو، سندس وفات جي تاريخ تي هتي ميلو لڳندو آھي. هن ماڳ تي ڪيترو ئي ٺڪراٺو ۽ سرن جا ٽڙيل پکڙيل ٽڪرا موجود آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو